پير صاحب پاڳارو - سورهيه بادشاهه
پير صاحب پاڳارو
امام انقلاب مرد حق، شهيد سورهيه بادشاه
جاويد احمد چانڊيو
وادي مهراڻ سنڌ کي اصل کان اهو اعزاز رهيو آهي ته هن ڌرتيءَ اهڙن عظيم فرزندن کي جنم ڏنو آهي، جن جو تاريخ ساز ڪردار هجڻ ڪري اهي امر ڪردار ٿي ويا، وطن خاطر وفا عشق جو بي مثال ناتو نڀايو، ۽ وطن جو حقيقي حق ادا ڪيو، اهڙن عظيم ڪردارن تي فخر آهي، جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا، سنڌ جي فخر جو سبب بڻيا، اهڙن عظيم تاريخ ساز جدوجهد جاکوڙي ڪردارن جنهن دنيا جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا هئا، تاريخ جي سونهري ورقن ۾ عظيم ڪارناما محفوظ بڻيل آهن، سنڌ جا اهي عظيم امر ڪردار دنيا ۾ وڏو مثال آهن، وادي مهراڻ سنڌ جي به اها وڏي خوشنصيبي آهي جو امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي (شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو) جن جو تعلق به وادي مهراڻ سنڌ سان آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو حرن جو روحاني رهبر پڻ آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خاندان جون ديني، علمي، ادبي، سياسي، ملڪي قومي خدمتون هڪ سونهري ۽ روشن باب مثال ۽ قابل احترام آهن.
پير صاحب پاڳاري ۽ سندس خاندان ۽ حر جماعت ۽ حر مجاهدن جون ڏنل پاڪ وطن لاءِ قربانين جو ڊگهو اڻ کٽ تفصيل پڻ آهي، پاڳارو ۽ سندس خاندان ۽ حر مجاهدن جون پاڪ وطن جي مشڪل وقتن ۾ جهاد وطن جي سلامتي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي، جڏهن به پياري وطن تي دشمن طاقتن حملا ڪيا ۽ حملي جا منصوبا ڪياآهن ته پير صاحب پاڳارو سندن خاندان حر مجاهد ن دشمنن جا ناپاڪ منصوبا جڙ کان ختم ڪيا آهن، پير صاحب پاڳارو سندن خاندان ۽ حر مجاهدن هر دور ۾ وطن جي دفاع ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، هر محاذ تي وطن جي دشمن طاقتن کي بد ترين شڪست ڏني آهي، دشمن طاقتن جا منصوبا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، ملڪي قومي بقا ۽ حفاظت دفاع جي وقت پير صاحب پاڳارو خاندان ۽ سندس حر جماعت اول صفن ۾ رهيو آهي، پاڳارو خاندان ۽ سندس حر مجاهد وطن خاطر پنهنجو تن من قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن، دشمن کي منهن ٽوڙ جواب جي سگهه رکندڙ حر جماعت جو دائرو سنڌ هنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي، لکين فدائي حروطن جي لاءِ جان جو نظرانو ڏيڻ پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهندا آهن جنگ هجي يا حرتحريڪ ڪڏهن به حر جماعت پوئتي ناهي ٿي، ايشيا جو عظيم مزا حمتي ڪردار امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي حسيني فلسفي جو علمبردار پاڪ عملي نمونو آهن، جنهن جي ڪردار کي گهرائي سان ڏسبو ته ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ۽ ناممڪن رهندو، ديني، علمي، ادبي، سچائي، ڏاهپ، بهادري، سادگي، شرافت وطن پرستي حب الوطني سان هر وقت ڳانڍاپورهي ٿو.
هر ظلم ۽ ظالم خلاف مزاحمت جي سگهه رکندڙ آهن، پير صاحب پاڳارو ۽ سندس حر جماعت جي ڏنل قربانين ۾ هنن جو ڪو به ثاني نه رهيو آهي، ماضي ۾ انگريزن جي ڪاري دور ۾ انگريز سرڪار کان مفاد پرست ٽولن خوب ٿي فائدا حاصل ڪيا، لالچ مفاد پرستي ۾ اڪثريت کي انگريزن پنهنجو تابعدار بڻائي ڇڏيو هو، وقت جي يزيد انگريز سامراج سان وطن خاطر ۽ هر ظلم خلاف للڪاريندڙ نه جهڪندڙ نه وڪامندڙ مزاحمتي ڪردار امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳارو انگريزن جي غلامي کي قبول نه ٿي ڪيو، اڪثريت انگريزن جي تابعدار هجڻ باوجود به امام انقلاب شهيد حضرت پير صاحب پاڳارو بنا ڪنهن خوف حق سچ جو آواز بلند ڪيو، هر ظلم ۽ ظالم خلاف مهاڏو اٽڪايو، ڇو ته امام انقلاب مرد حق جو وجود حسيني فلسفي سان ڳنڍيل هو، وطن پرستي حب الوطني سان جڙيل هو، ڌارين جي غلامي کي پسند نه ٿي ڪيو، امام انقلاب پير صاحب پاڳاري جن جي زندگي جو خاڪو ڪجهه هن ريت آهي ته پاڻ ننڍڙي عمر ۾ درگاهه (پير جو ڳوٺ) جا گادي نشين ٿيا، لکين حر مجاهد هن جي هر حڪم کي لبيڪ ڪندا هئا، حر مجاهدن جي پير جو ڳوٺ درگاهه، ڪنگري هائوس ڪراچي کان ويندي گڙنگ بنگلي سانگهڙ تائين هنن جو تعلق هميشه قائم دائم رهندو آهي، پير صاحب پاڳاري جي هر حڪم جي تابعداري کي فرض سمجهندا آهن، امام انقلاب مرد حق پير صاحب پاڳاري جن وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻي، انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جو آغاز ڪيو، لکين حر مجاهد پنهنجي روحاني رهبر پير صاحب پاڳاري جي حڪم ٿيڻ کان پوءِ منظم فعال ٿي ويا هئا، انگريز سرڪار خلاف باقائدي تحريڪ جو آغاز شروع ٿي چڪو هو، حر تحريڪ کي ناڪام ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار وڏي پلانگ کان ڪم ورتو، سنڌ جا وڏيرا ڀوتار، سردار، ۽ با اثرن ڌرين کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو، ته جيئن انگريز سرڪار خلاف حر تحريڪ ناڪام رهي، اهڙي صورتحال کي ڏسندي پوءِ به حر تحريڪ پنهنجو جهاد جاري رکيو، پير صاحب پاڳاري جن کي انگريزن جي غلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هئي، حر تحريڪ جو انگريزن خلاف هلندڙ جهاد انگريز سرڪار کي خوف زدهه بڻائي ڇڏيو هو.
حر تحريڪ جو وڌيڪ فعال ٿيڻ ۽ زور وٺڻ انگريز سرڪار لاءِ بهتر پيغام نه هو، انگريز سرڪار حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ حر تحريڪ جي سرواڻ شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خلاف سازشن جو عمل شروع ٿي ويو، انگريز سرڪار پنهنجي وفادارن سان ملي ڀڳت ڪري پير صاحب پاڳاري تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، ۱۹۳۵ع ۾ پير صاحب پاڳارو کي رتناگري جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ۽ مختلف قسمن جون سخت اذيتون ڏنيون ويون، ان هوندي به پير صاحب پاڳاري جا حوصلا گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ مظبوط ٿي ويا، حر مجاهدن به مشڪل آزمائي دور ۾ به پير صاحب پاڳاري سان وفا جو ناتو خوب نڀايو، ڪوڙ ته آخر ڪوڙ هوندو آهي، نتيجو اهو نڪتو جو پير صاحب پاڳاري سورهيه بادشاهه تي مڙهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، امام انقلاب شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳارو ۱۹۳۸ع آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪلڪتي انڊيا کان سنڌ پهچي ويا،حر جماعت سان مسلسل رابطو هجڻ ۽ حر تحريڪ کي ٻيهر فعال ٿيڻ جو حڪم ڪيو، انگريز سرڪار کي اهڙي صورتحال پسند نه آئي، ان کان پوءِ ٻيهر پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو، هزارين حر مجاهدن کي مختلف قسم جون سخت اذتيون ڏنيون ويو، انگريز سرڪار حر مجاهدن سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هئي، ٻئي طرف انگريز سرڪار پنهنجي وفادارن تي وڏيون نوازشون ڪندا رهيا، ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع انگريز سامراج امام انقلاب مرد حق غازي شهيد سيد پيرصبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري کي حيدرآباد سينٽر جيل ۾ شهادت جو جام نوش ڪيو، ۽ ۵۰ وڌيڪ حر مجاهدن کي به شهيد ڪيو ويو، هر سال معمول مطابق ۲۰ مارچ امام انقلاب مرد حق غازي شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي يوم شهادت ملهايو ويندو آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد غازي حضرت سيد پير صبغت الله راشدي پير صاحب پاڳاري کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي.
سورهيه بادشاه
سندس شهادت جي مناسبت سان ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“
ارشاد ڪاغذي
پير پاڳارو صبغت الله راشدي ثاني ۱۹۲۲ع ۾ ۱۴ سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيو، پير سائين ننڍي وهي کان وٺي غلامي جي خلاف ۽ آزادي جو علمبردار هو. چون ٿا ته هڪ سند جيڪا انگريزن طرفان پير سائين جي ڪنهن ويجهي عزيز کي ڏني وئي هئي سا ڪاٺي جي فريم ۾ مڙهيل هئي، ان کي سجائي ڀت تي ٽنگيو ويو هو. جڏهن پير پاڳاري اها ڏٺي ته ان کي اتان لهرائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏي. ان کان علاوه پاڻ مريدن سان حسن اخلاق سان پيش ايندا هئا ۽ گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ مريدن کي ديسي لباس پهرڻ جو حڪم ڪيو هو. انگريزن کي هن گادي مان هميشه خطرو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته پير پاڳاري جا وڏا انگريزن سان ڪيئي سالن تائين وڙهيا هئا ۽ حر تحريڪ سو سالن تائين هلندي رهي. تنهن ڪري انگريز سرڪار، ان جي ڪارندن ۽ جاسوسن پير پاڳاري جي ڇهين گادي نشين پير صبغت الله شاه تي چوڪسي وڌائي ڇڏي هئي ۽ سندس هر چرپر ۽ اُٿڻ ويهڻ تي ڪُرڙي نظر رکڻ لڳا. جڏهن ته سنڌ جا ٻيا گادي نشين، وڏيرا، جاگيردار، وزير چونڊيل نمائندا ۽ ويندي سنڌ جا وزيراعظم انگريز سرڪار جا ٻانهن ٻيلي هئا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ کي الڳ حيثيت ته ملي هئي پر مجموعي طور سنڌ صوبو انگريز گورنر ۽ عملدارن جي هٿ وس هو ۽ سنڌ جي سرڪار کي ڪو به اختيار نه هو.
پير صبغت الله شاه راشدي ثاني جڏهن گاديءَ تي ويٺو ته هن پنهنجي مريدن، خادمن ۽ سنڌي عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لڳو ۽ انگريز سامراج جي خلاف وڏي رٿابندي سان ڪم شروع ڪيو. انگريزن کي انهن ڳالهين جي کڙڪ پئجي وئي ۽ هو پيرپاڳاري کي سيکت ڏيڻ لاءِ سانباها ڪرڻ لڳا. آخرڪار هڪ عورت جي شڪايت تي پيرڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي پير سائين کي هڪ ڇوڪري ابراهيم کي زوري اغوا ڪرڻ ۽ حراست ۾ رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري سکر جيل ۾ بند ڪيو ويو. هن جي خلاف ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ۷ سالن جي قيد ۽ ٻن هزارن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن لاءِ کيس بنگال جي جيل مدناپور موڪليو ويو. هو هندستان جي مختلف جيلن مدنا پور، رتناگري، علي پور ۽ ٻين هنڌن تي رهيو. جيل ۾ رهڻ دوران پير سائين جا مختلف سياسي پارٽين سان ويجها لاڳاپا رهيا. سندن آل انڊيا ڪانگريس، سباش چندر بوش جي انقلابي جماعت ۽ ٻين سان ويجهڙائي وڌي ۽ اتي سياسي تربيت ٿي. پير پاڳاري جيل ۾ رهڻ دوران ڪيئي ڪتاب پڙهيا ۽ خود ڪيئي ڪتاب قلمبند ڪيا، جيڪي انگريز سرڪار ضبط ڪري ڇڏيا. باقي سندس هڪ ڪتاب ”تنبيہ الفقراءُ“ بچي ويو. ۱۹۳۶ع ڌاري جيل مان رها ٿي سنڌ موٽي آيا. هن دفعي پير پاڳارو ٻي روپ ۾ ظاهر ٿيو. نوجواني ۾ جيل ياترا ۽ انگريز سرڪار جي ڏاڍين سان منهن مقابل ٿيڻ ۽ جيل ۾ مختلف سياسي ۽ عسڪري جماعتن سان ميل ميلاپ جي ڪري هن مٿان جيڪي اثر پيا، تنهن پير سائين جي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ هتي سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد هو انگريز سامراج خلاف گھڻو سرگرم ٿي ويا. ان وچ ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري صوبائي خودمختياري ڏني وئي هئي ۽ ۱۹۳۷ع ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو هو. پير پاڳاري هندن ۽ ڪانگريس جي مدد ڪئي ۽ ۱۹۳۹ع واري مسجد منزل گاه واري وڳوڙن ۾ هندن کي تحفظ فراهم ڪيو. هن ڪيئي سال وڏي رازداري سان سنڌ جي عوام ۽ پنهنجي مريدن ۾ ڪم ڪيو ۽ هڪ ”هٿياربند جٿو“ پڻ جوڙيو ۽ پنهنجي سياسي طاقت ۾ اضافو ڪيو. هن سموري سنڌ جو دورو ڪيو ۽ ان ڪارڻ پير سائين جو اثر رسوخ چڱو خاصو ٿي ويو. هن جا سنڌ جي وزيرن، وزيراعظمن ۽ چونڊيل نمائندن سان سٺا تعلقات هئا، تنهن ڪري پير پاڳاري سياسي طرح پيشرفت ڪندي پنهنجي سگھه کي گھڻو وڌايو. اهو سمورو انتظام هن پنهنجي صلاحيتن تحت ڪيو ۽ انگريز سرڪار خلاف امڪاني ويڙه کي نظر ۾رکندي اهي سمورا قدم ۽ انتظام کنيا، پر انگريز سرڪار به انهن بابت اڳواٽ آگاه هئي، ڇاڪاڻ ته مڪاني انتظاميا ۽ انگريز سرڪار جي ايجنٽن انگريز سرڪار کي پير پاڳاري جي انهن ڪارروائين بابت لکت ۾ رپورٽون موڪليندا رهيا. انگريز سرڪار بغاوت کي محسوس ڪندي پير پاڳاري کي پنهنجي سرگرمي کي محدود رکڻ تي مجبور ڪندي ڪراچي گھرائي آگسٽ ۱۹۴۱ع تي ڪراچي ۾ نظربند ڪيو، پر پير سائين پنهنجي نظربندي کي ٽوڙيندي ڪراچي کان هليو ويو، کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع ۾ ناگپور جيل موڪليو ويو.
پير سائين پاڳارو کي آڪٽوبر ۱۹۴۱ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان جي ردعمل ۾ حرن احتجاج ڪيو ۽ حڪومت سان مقابلو ڪيو ۽ ”گوريلا جنگ“ شروع ڪئي، سرڪاري عملدارن ۽ جڳهن کي نشانو بڻايو. ”۱۹۴۲ع اچڻ تائين صورتحال گھڻي ڳنڀير ٿي وئي هئي. ايتري تائين جو وائسراءِ کي سنڌ جي صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائڻي پئي. گورنر راڄ (گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع جي سيڪشن ۹۲ اي هيٺ) تي به ويچاريو ويو پر جيئن ته وزير سرڪاري ڪارروائيءَ ۾ رڪاوٽون نه وجهي رهيا هئا ۽ جيڪڏهن چونڊيل حڪومت هٽائي پئي وئي ته اهي هر قسم جي ذميواري کان آجا پئي ٿيا ۽ سڄو الزام انتظامي عملدارن مٿان پئي آيو، تنهن ڪري گورنر راڄ وارو خيال رد ڪيو ويو. گورنر صاحب سنڌ اسيمبليءَ کان حر ايڪٽ منظور ڪرائڻ ۽ ان سلسلي ۾ ناڪاميءَ تي هن پاران هڪ آرڊيننس جاري ڪرڻ واري معاملي کي بحث هيٺ آندو ويو.“
۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھرايو ويو، اسيمبلي جي بند اجلاس ۾ حر ايڪٽ منظور ڪيو ويو. تاريخ ۱۶ مئي ۱۹۴۲ع ۾ اڏيرو لال ۽ ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن ويجهو لاهور ميل ريل گاڏيءَ کي ڪيرايو ويو ۽ خوني ڪارروايون ڪندي ڪيترن ئي سرڪاري عملدارن ۽ ٻين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. حر تحريڪ جي ڪري انگريز سرڪار جي ننڊ ڦٽي وئي ۽ سنڌ جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو ۽ سنڌ سرڪار جو ڪو عمل دخل ڪونه رهيو. انگريز سرڪار ۽ هند جي وائسراءِ جي هدايتن ۽ فيصلي تحت سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھرايو ويو، اسيمبلي جي بند اجلاس ۾ سنڌ ۾ مارشل لا جي منظوري ورتي وئي. ۱۰ اپريل ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ جي گورنر ۽ پوءِ هند جي وائسراءِ حر ايڪٽ جي منظوري ڏني ۽ صحيحون ڪيون. ”انگريز سرڪار پهرين جون ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪئي. اپر سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل رچرڊسن کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايڇ ٽي لئمبرڪ کي مارشل لا ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.“
روسي تاريخدان وي اي آگئيف لکي ٿو: ”سنڌ جي ۵۰ هزار چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ انگريز مرڪزي ڪمان جي هڪ پيادل برگيڊ ۽ ٻيا فوجي مقرر ڪيا ويا، انهن جو تعداد ۳۰ هزارن جي لڳ ڀڳ هو. ميجر جنرل آر رچرڊسن ان جو ڪمانڊر ۽ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ مشير مقرر ڪيو ويو.“ پر پير پاڳارو پنهنجي وڏڙن جي روش تي هلندي ”آزادي يا موت“ ۽ ”وطن يا ڪفن“ جي اصول ۽ نعري جي پوئواري ڪندي انگريزن سان منهن مقابل ٿيا ۽ پنهنجي جان جي پرواه ڪانه ڪئي ۽ شهادت جو جام نوش ڪري امر بڻجي ويا. اڄوڪي ڏينهن ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع ۾ پير صبغت الله شاه راشدي پير پاڳاري کي ڦاهي تي چاڙهي شهيد ڪيو ويو.
۱۸۴۳ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان وٺي پاڪستان جي آزادي تائين ۽ ان کانپوءِ ۵۰ جي ڏهاڪي تائين حر تحريڪ جاري رهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي آزادي بعد به پورو هڪ ڏهاڪو حر ٽارچر ڪيمپن ۾ واڙيل هئا. تاريخ جي ورقن ۾ ڪيئي ڳالهيون ۽ قصا درج ٿيل آهن.
حر تحريڪ کي چٿڻ کان وٺي پير پاڳاري جي شهادت تائين ۽ ويندي پاڪستان جي قيام تائين سنڌ جي سرڪار، اعليٰ سرڪاري عهديدارن، سياسي جماعتن ۽ ان جي اڳواڻن جي جيڪا مجرماڻي خاموشي هئي، تنهن مان اهو چٽي طرح اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسان جي پوري ليڊرشپ انگريز سرڪار جي دلال هئي ۽ اها ان سان سهمت رهندي پيرپاڳاري کي شهيد ڪرائڻ ۾ شامل هئي. سنڌ سطح جا سياسي اڳواڻ وزارتون ۽ عهدا وٺڻ ۾ پورا هئا. هن خاموشي کي ڇا چئجي؟ هن عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ سنڌين جي سرڪار ۽ سياسي اڳواڻن جي موجودگي ۽ لکين سنڌين جي موجودگي ۾ هيڏا سارا ظلم ۽ زبردستيون ٿين ۽ ڪو به هڪ ماڻهو ان خلاف دانهن ڪوڪ به نه ڪري. افسوس صد افسوس! هيڏي هجوم ۾ سورهيه بادشاه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪنهن به ٺلهي مذمت به نه ڪئي. تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ اهي سڀئي ڏوهاري آهن.
مون پڪ سڃاتا، پنهنجا ها گڏ ڌارين سان ڪي ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾.
(محمد ابراهيم ”منشي“)
سورھيه بادشاهه ۽ حُر تحريڪ
شھيدن کي سرخ سلام
منان چانڊيو
اڄ کان مني صدي ۽ قيام پاڪستان کان چار سال اڳ ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي حُر تحريڪ جي روح روان.انگريز سامراج خلاف وطن يا ڪفن.آزادي يا موت جي نعري تحت قومي ويڙھ وڙھندڙ صبغت الله عرف ورهيه بادشاھ کي گوري حڪومت ڦاھي تي چاڙھي سندس لاش کي هميشا لاءِ غائب ڪري ڇڏيو.
اسين ننڍڙائپ کان پنھنجي وڏڙن واتان ٻڌھندا ھُئاسين ته سنڌ کي بيٺڪيت بنائيندڙ انگريزن خلاف پير پاڳارو ۽ سندس مريد حُر فقير پنھنجي ماتر ڀومي جي آزادي لاءِ وڏي بھادري ۽ ھوشياري سان جنگ لڙي رھيا ھُئا. ان ويڙھ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ حُر فقيرن کي پنھنجي ڪٽنبن سميت انگريز سرڪار گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري مٿن بغاوتن، قتلن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ جتي موت جون سزائون ڏنيون وينديو ھيون اُتي وري ھُنن کي لوڙھن اندر واڙيو ويندو ھُئو. اھڙن بندي خانن کي حُر ڪوٽ يا حُر ڪئمپ به سڏيو ويندو ھُيو. ان قسم جا لوڙھا، ڪوٽ يا ڪئمپون سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ قائم ٿيل ھونديون ھيون.جن مان ھڪ حُر ڪئمپ تعلقي وارھ. يوسي ميرپور.تپو حمل.ديھ نانگ دڙو. وارھ شھر کان ٻارنھن تيرنھن ڪلو ميٽر اولھ طرف حمل وارھ سڙڪ. (ھاڻي روڊ) ڀرسان قائم ٿيل ھُئي. ان جون نشانيون مون پڻ پنھنجي اکين سان ڏٺيون ھُيون. خير اُھا ته چار ڏھاڪا اڳ جي ڳالهه ھُئي، پر جڏھن آ ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران رضاڪارانه طور گرفتاري ڏئي پھريون ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو ۽ پوءِ سينٽرل جيل سکر پھتس ته اُتي جيل جي لائبريري مان سنڌ جي ھڪ قومي ۽ عوامي سوچ رکندڙ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي جي تحرير ٿيل ناول سانگھڙ پڙھڻ جو موقعو مليو. ان مان ورهيه بادشاھ ۽ سندس حُر تحريڪ واري قومي ويڙھ جي اصل سببن بابت ڪافي ڄاڻ ملي. ھونئن ته عام طور تي چيو ويندو آھي ته سرزمين سنڌ پيرن، فقيرن ۽ درويشن جي ڌرتي آھي. جيڪي الله لوڪ ماڻھو، مٺ، محبت، حق، انصاف ۽ عبادت الاھي. جو درس يا سبق خلق خدا کي ڏيندا ھُئا ۽ ھاڻي به ڏيندا پيا اچن پر انھن مان ڪيترا اھڙا به عظيم انسان ٿي گذريا آھن جيڪي روحاني رمز، ذڪر ۽ فڪر واري حق جي واٽ تي پنھنجي پوئلڳن کي ھلڻ جي تلقين ۽ ھدايت ڪرڻ کانسواءِ پنھنجي وطن.قوم ۽ عوام کي قومي ۽ طبقاتي ڦر لٽ ۽ جبر خلاف اٿي کڙا ٿي سينا سپر ڪري حق ۽ سچ جي ميدان تي ڪُڏي ڪاھي پوڻ يا نڪري نروار ٿيڻ جا پڻ گس ۽ ڏس پنڌ ڏسيندا ۽ ڏيندا ھُئا. اھڙن قومي ھيرن مان جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏيندڙ صوفي شاھ عنايت شھيد ۽ ورهيه بادشاھ پڻ ھُئا. جن نه صرف پنھنجي مريدن فقيرن کي حقوق الله جي واٽ تي عمل پيرا ٿيڻ جي ھدايت ڪئي پر پنھنجي وطن، قوم ۽ عوام تي پرڏيھي سامراجن ۽ انھن جي ڏيھي دلالن جي ظلم، ستم ۽ ڏاڍ ڏمر خلاف مھاڏو اٽڪائڻ جا پڻ بھادرانه ڪارناما سرانجام ڏيندي پاڻ کي سرزمين سنڌ تان قربان ڪندي هميشا لاءِ امر ٿي تاريخ جو حصو بنجي ويا.
پاڻ ورهيه بادشاھ ۽ ان جي حُر تحريڪ جو جائزو وٺنداسين ته ۱۹ھين صدي جي ٻئي ڏھاڪي ۾ پير پاڳارو خاندان جي ھڪ بزرگ سيد محمد شاھ راشدي جي چوڻ تي سنڌ جا ڪيترا ئي ماڻھو ھُن جا مريد ٿيا ۽ ھُن مجاھد فورس ٺاھي سيد احمد شاھ شھيد جي مدد لاءِ افغانستان ۽ سرحد جي پھاڙن ۾ وڃي سکن سان وڙھيا. اُتان واپسي بعد پير پاڳارو جي مريدن گڏجي حُرن جي ھڪ جماعت ٺاھي جيڪا اڳتي ھلي حُر فورس جي نالي سان مشھور ٿي. اُھي ماڻھو پنھنجي مرشد تان جان مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوُندا ھُئا. ڏٺو وڃي ته ۱۹ھين صدي جي آخر ۽ ۲۰ھين صدي جي شروعات ۾ سنڌ اندر حُرن جون ۲ وڏيون بغاوتون ٿيون جن وقت جي حُڪمرانن ۽ حڪومتن کي لوڏي ڇڏيو. پھرين بغاوت ڪجھ سالن تائين مسلسل ھلندي نيٺ ماٺاري ٿي وئي ان ۾ ڪن مشھور حُر ويڙھاڪن جا نالا مشھور ٿيا جن ۾: بچو بادشاھ. گلو گورنمينٽ ۽ پيرو وزير وغيره ھُئا. ان بغاوت کي انگريز سرڪار جي ھڪ آفيسر ليوڪس. ھڪ حڪمت عملي. چالاڪي ۽ سختي سان ڪچليو ۽ اُن دوران سانگھڙ ۽ مُکي ڍنڍ جي آس پاس وارن علائقن ۾ انگريز سرڪار حُرن جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ڪجھ بلوچ قبيلن کي بلوچستان مان گُھرائي اچي آباد ڪيو. انھن قبيلن ۾ نواب اڪبر بگٽي جا وڏا خاص طور تي شامل ھُئا. جن کي نه صرف حُرن جون زمينون ۽ مال ملڪيت ڏنا ويا پر کين اُھا زميواري پڻ ڏني وئي ته ھُو حُر تحريڪ ۽ حُرن جون جاسوسيون ڪري ۽ انھن کي پڪڙي انگريز سرڪار جي حوالي ڪن ته کين في حُر تي ۱۰ رپيا انعام ڏنو ويندا. چون ٿا ته اھڙي انڌي لالچ ۾ اچي بگٽين گھٽ ۾ گھٽ ۸۸ حُرن کي ڦاھيون ڏياري پنھنجي آقائن کان ۸۸۰ رپيا انعام عرف ڀاڙ حاصل ڪئي.
حُر تحريڪ ۽ حُرن جي ٻئي وڏي ويڙھ گوري سرڪار خلاف ٻئي جنگ عظيم دوران ٿي. اُن ويڙھ يا بغاوت ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل نالا سرگرم رھيا. ۽ ان کانسواءِ رحيم ھنڱورو به ان ويڙھ جو اھم ڪردار رھيو. ھيءُ اُھو وقت ھُيو جڏھن انگريزن کي سڄي دنيا ۾ دشمن فوجن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو ھُئو. مثال طور تي يورپ ۾ جرمن فوجن ۽ مشرق ۾ جپاني فوجون تمام تيزي سان وڌي رھيو ھُيو ايتري قدر جو جپان برمان کي فتح ڪري آسام جي جبلن وٽ اچي پھتو. ساڳئي وقت ھندستان ۾ پڻ سباش چندر پوش جي اڳواڻي ۾ ھندستان جي ھڪ آزاد فوج جنم وٺي چُڪي ھُئي اھڙي صورتحال ۾ انگريز حڪومت سنڌ جي حالتن کي تمام گھڻو خطرناڪ سمجھيو ۽ حالتن تي نظر رکڻ جو جائزو وٺندي فوج جي ھڪ ڪور کي سنڌ آندو ۽ سنڌو درياھ جي کاٻي پاسي تي پھريون ڀيرو مارشل لا لاڳو ڪيو جنھن جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊسن کي بڻايو ويو ۽ سنڌ جي باغين ۽ بغاوت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھوائي فوج جا دستا پڻ استعمال ڪيا ويا. حُر بغاوت کي ڪُچلڻ لاءِ ٿر اندر ڪئين جھاز لاٿا ويا. ان حُر بغاوت دوران گاديءَ تي ڇھون پير پاڳارو صبغت الله راشدي ويٺل ھُئو.ھُن جا انگريز سرڪار سان تعلقات شروع کان ئي ڪشيده ھُئا انڪري سال ۱۹۲۸ع ۾ انگريز فوجين پير جي ڳوٺ تي ڇاپو ھنيو ان ڇاپي دوران ھٿيار ھٿ ڪيا ويا ۽ ھڪ نوجوان کي ھٿ ڪيو ويو جنھن لاءِ چيو پئي ويو ته ھُن کي پير صاحب ھڪ پيتي اندر قيد ڪري رکيو ويو ھُئو. ان الزام ۾ پير صاحب تي سکر ۾ ڪيس ھلايو ويو. ڪيس جي پيروي لاءِ ھُن جناح صاحب کي پنھنجو وڪيل مقرر ڪيو. بھرحال ان (پيتي ڪيس) ۾ اڳ واٽ طئہ ٿيل فارمولي موجب اسپيشل ڪورٽ جي مئجسٽريٽ اڌارام پير صاحب کي ۸ سال قيد جي سزا ٻڌائي. پير صاحب کي ان دوران ھندستان ۽ بنگال جي ڪيترن ئي جيلن ۾ رکيو ويو.جتي ھُن جا بنگالي قومپرستن سان تمام بھتر لاڳاپا رھيا ۽ انھن بنگالي سياسي قيدين کان ھُو تمام گھڻو متاثر ٿيو.
پير پاڳاري کي وري ھڪ ڀيرو ٻيھر گرفتار ڪري ھندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. ھُن جي گرفتاري کانپوءِ حُرن وڌيڪ بغاوتون شروع ڪري ڏنيون ۽ ھُنن جي نشاني تي سرڪاري ملڪيتون ۽ اھم دفتر ھُئا. انڪري انگريزن کي اُھو انديشو ٿيو ته ڪٿي سندن (گوري سرڪار) جي وفادار ماڻھن ۽ سرڪاري اعلي عملدارن تي حُر مجاھد حملا ڪري جاني نقصان نه پھچائين. ان ڳڻتي ۽ خوف ڪري انگريز سرڪار پير صاحب تي تڪڙو ڪيس ھلائي ان کي ڦاھي تي چاڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. آخرڪار ورهيه بادشاھ تي انگريز خلاف بغاوت ۽ ماڻھو مارائڻ جا ڪيترائي الزام مڙھي موت جي سزا ٻڌائي ان تي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي عمل ڪراچي ڇڏيو. اھڙي ريت پير پاڳارو ۽ سندس ھزارين حُر مجاھد پنھنجي ننگن ۽ دنگن تان سر گُھور ڪري هميشا لاءِ امر بنجي ويا. اسان کي جتي ورهيه بادشاھ ۽ سندس حُر تحريڪ جي جوڌن جوانن جي عظيم ۽ تاريخي قرباني تي فخر آھي. اُتي وري افسوس اُن ڳالهه جو آھي ته اڄ کان ڪيترا ئي ڏھاڪا اڳ سنڌ جا سردار، ڀوتار، پير، مير پنھنجي وطن، قوم، عوام جا ويري بنجي انگريز سامراج جي دلالي ڪندي پاڻ کي اتمُ اعلي محسوس ڪرائيندا ھُئا اڄ به انھن جي نسل وارا ھمراھ پنھنجي ڪوڙي آڪڙ، معتبرائپ ۽ انا خاطر ساڳي راھ تي رمي رھيا آھن.
اسان آخر ۾ سورهيه بادشاھ جي پوٽي ۽ سندس نالي واري شخصيت موجوده پير پاڳاري کي التجا ٿا ڪيون ته ھُو پنھنجي وڏڙن جي وطن، قوم، عوام دوستي ۽ حب الوطني واري سچي ۽ حق جي راھ تي گامزن ٿي موجوده دور جي غاصبن، ظالمن ۽ لُٽيرن کان سنڌ ۽ سنڌين جي نجات لاءِ پنھنجو ڀرپور ۽ مسبت ڪردار ڪري.
صبغت الله شاهه راشدي
جنهن سنڌ جي حقيقي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙيو!
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي معتبر خاندان سان تعلق رکندڙ سيد صبغت الله شاهه راشدي جنهن کي سورهيه بادشاهه جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي، ۱۹۰۷ع ۾ پيدا ٿيو. هو ۱۴ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۹۲۱ع ۾ گادي نشين بڻيو. اها سندس صلاحيت هئي جو گهٽ ڄمار هوندي هن وڏا ۽ اهم فيصلا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي انقلابي اڳواڻ بڻجي ويو. سنڌ ۾ انگريزن جو راڄ هو، پنهنجي مفاد وارا قانون ٺاهي رکيا هئائون. هنن کي اهو اندازو ڪو نه هو ته سنڌ ۾ ظلم خلاف صدين کان وٺي مزاحمتون هلنديون رهيون آهن ۽ سنڌي قوم اهڙا سگهارا اڳواڻ هميشه هر دور ۾ پيدا ڪيا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ جبر خلاف وڙهيا آهن.
پير صبغت الله شاهه راشدي اهڙن ئي جرئتمند اڳواڻن مان هڪ هو، جيڪي صدين ۾ جنم وٺندا آهن. هن سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آجپو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. سندس جدوجهد ايتري ته سگهاري هئي جو انگريزن کيس خاموش ڪرڻ لاءِ لوڀ ۽ لالچ ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريزن جو اهو انداز هو ته پنهنجي سگهاري دشمن کي لالچ ۽ چاپلوسي سان پنهنجو ڪندا هئا پوءِ انهيءَ کي ئي پنهنجن ماڻهن سان وڙهائي راڄ ڪندا هئا. انگريزن پير صبغت الله کي به لقب نوازڻ جي آڇ ڪئي ۽ انعام طور برطانوي بندوق موڪلي جنهن تي پير صبغت الله راشدي چيو ته: ”سر“ جي لقب کان ”پير پاڳاري“ جو مليل لقب عزت وارو اٿم ۽ هٿيار اسان وٽ به گهڻا آهن.“
انگريزن جي حڪمت عملي ناڪام ٿي ته هنن پنهنجي پاليل گروهه کي سورهيه بادشاهه ڏانهن الڳ الڳ انداز ۾ موڪليو. خانبهادر، سر، نواب ۽ ٻين لقبن واريون اهم شخصيتون انگريزن پاران صبغت الله راشدي وٽ ويون پر سندس هڪ ئي مطالبو هو ته: ”انگريز سنڌ ڇڏين.“ جڏهن هر طرح جو حربو نه هليو، سهڪار نه ٿي سگهيو ته انگريزن حُر تحريڪ خلاف اُپاءَ سخت ڪيا. حُر مجاهدن کي چوکنڀو ڪرڻ لاءِ انعام اڪرام رکي سندن خلاف ڪم ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو ويو. صاف شفاف ڪردار رکندڙ صبغت الله راشدي کي انگريزن جي ڇڏيل جاسوسن ۽ مخبرن انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ته هن ابراهيم نالي ڇوڪرو پيتي ۾ بند ڪري رکيو آهي ۽ وٽس ٻارنهن رائفلون، ٽي عدد بندوقون، ٻه عدد پستول ۽ ۲۵ هزار گوليون هٿ آيون آهن. هي واقعو ۲۸ آگسٽ ۱۹۳۰ع ۾ رونما ٿيو ۽ عدالت کيس ۸ ورهيه پورهئي سان سزا ٻڌائي.
انگريزن سمجهيو هو ته صبغت الله راشدي جي گرفتاري بعد ماٺار ٿي ويندي پر ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻندڙ حُر تحريڪ جو جٿو پنهنجي اڳواڻ جي ڇڏيل جدوجهد کي جاري رکيو ويٺو هو. انگريزن پنهنجي پوري طاقت جو مظاهرو ڪيو، جتي جتي مخبرن اطلاع ڏنو اتي راتاهو هڻي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هڪ طرف اها صورتحال هئي ته ٻئي طرف صبغت الله راشدي ننڍي کنڊ جي نامياري وڪيل محمد علي جناح کي ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو. هن نهايت ذهانت سان ڪيس وڙهيو ۽ انگريزن کي قائل به ڪيو پر تنهن هوندي به هنن سورهيه بادشاهه کي سنڌ کان ٻاهر کڻي وڃي هندستان جي رتناگري جيل ۾ قيد ڪيو. جيل ۾ رهڻ دوران هن مطالعو ڪيو ۽ پنهنجن مريدن لاءِ ويڙهه جي حڪمت عملي تحريري انداز ۾ تيار ڪئي. اها ئي تحرير ”تنبيهه الفقراء“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مشعل راهه بڻجي وئي. هن ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جون سورتون، حديثون، بزرگن جا قول ۽ ذاتي حڪمن ۽ مشورن تي ٻڌل مواد هو. قيد ۾ رهندي سورهيه بادشاهه جو رويو ۽ انداز اهڙو هو جو دشمن جا ماڻهو به سندس مريد بڻجي ويا. طبيعت ۾ نرمي ۽ قرب هر ملڻ واري کي سندس ويجهو ڪري ڇڏيندو هو. جيل ۾ رهڻ دوران محمد علي جناح سميت سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله، عبيد الله سنڌي سميت سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن سان سندن خط و ڪتاب ذريعي رابطو پڻ رهندو آيو. انگريزن ڪارڪردگي جو رڪارڊ ڏسندي صبغت الله راشدي کي ٻه ورهيه رعايت ڪندي ۲۵ نومبر ۱۹۳۶ع تي آزاد ڪيو. هو خاص انتظام ۽ انگريز سپاهين سان خيرپور ريلوي تي پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.
صبغت الله راشدي جي آزادي کان پوءِ حُر تحريڪ اڳي کان وڌيڪ سگهاري ٿي اڀري. ويڙهه پهرين کان وڌ بڻجي وئي. حُرن ”آزادي يا موت“ جو نعرو هنيو ته انگريزن کي ”آزادي“ ۾ سنڌ ۽ ”موت“ ۾ پنهنجو وجود ڏسڻ ۾ آيو. هنن حُرن جي تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ان جي رد عمل ۾ ريلوي اسٽيشنون تباهه ڪري، ريلون روڪيون ويون. سرڪاري دفترن کي هلڻ نه ڏنو ويو. انگريزن جي ڪنهن به حڪم کي مڃڻ کان عوام کي منع ڪيو ويو ۽ پنهنجي متبادل سرڪار قائم ڪري ڇڏي. جنگي حڪمت عملي اهڙي ڪئي وئي جو سڄي هندستان ۾ فقط سنڌ جو پرڳڻو انگريز سرڪار لاءِ مفلوج بڻجي ويو. سورهيه بادشاهه جو وڌ کان وڌ ويڙهه طرف ڌيان رهيو. گوريلا جنگ جي تربيت لاءِ مرڪز مقرر ڪيا ويا. پنهنجي حُر فورس ٺاهي ان ۾ ڀرتي شروع ڪئي وئي. پوليس جو الڳ مرڪز ٺاهيو ويو ۽ اهڙي ريت الڳ عدالت ٺاهي وئي. عام ماڻهن کي چيو ويو ته انگريزن بدران پنهنجا مسئلا نئين جوڙيل نظام تحت آندا ۽ حل ڪرايا وڃن. سانگهڙ کي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو، ٻين شهرن ٽنڊوآدم، خيرپور ۽ سکر ڏانهن هن نظام کي وڌايو پئي ويو. ان دوران مذهبي انقلابي اڳواڻ ۽ انگريزن جي وڏي مخالف مولانا عبيدالله سنڌي به سورهيه بادشاهه سان ملاقات ڪئي. انگريزن کي اها ڳالهه اڃا به ڏکي لڳي.
سنڌ جي آزادي وارو خواب گهڻي ڀاڱي پورو ٿيندو پئي ويو. انگريزن جي غلامي کان ڇوٽڪارو وڏي پئماني تي حاصل ٿي رهيو هو. پاڻ آزاد ٿيڻ بعد هندستان مان سنڌ پهتا تڏهن جيڪو خطاب ڪيو هئائين انهيءَ ۾ ٻڌي ڪرڻ، نشو نه ڪرڻ، ولايتي ڪپڙو نه خريدڻ، هندو-مسلم ايڪو قائم رکڻ ۽ جهاد ڪرڻ تي زور ڀريو هئائين. انهيءَ خطاب کان پوءِ ريل جون پٽڙيون اکيڙيون ويون، اوٻاوڙو، جيڪب آباد، روهڙي، شڪارپور، صادق آباد، رحيم يار خان ۽ بهاولپور تائين شدت سان هلچل مچي وئي. انگريزن به ڇاپا هڻي حُر ڪارڪنن سميت عام شهرين ۽ ڳوٺاڻن کي به گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪيترائي جيل ڀرجي ويا ۽ بعد ۾ خطري سبب قيدين کي پري پري وارن شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حُر مجاهد ۽ فقير پنهنجي سرواڻ جي حڪم تي جانثار بڻيل هئا. هو شاهه لطيف جي شعر جيان:
سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،
سي مَرڪن پچار، حاضر جن جي هٿ ۾.
وطن جي آزاديءَ جي لاءِ ”غازي“ ڀرتي ٿيڻ لڳا. ڪنهن فوج جي ڪمانڊر جيان صبغت الله راشدي جرئت ۽ دليري سان ڏينهن رات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ انگريزن خلاف وڙهندو رهيو ۽ انگريز پٺتي تي هٽندا رهيا. اهڙي صورتحال کي ڏسندي انگريزن وڌيڪ نفري گڏ ڪري خفيه حڪمت عملي ڪري سازش سان ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۰ع تي صبغت الله راشدي کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ هيٺ گرفتار ڪيو ته عبدالله ماستر کي حُرن قتل ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ قتل جو حڪم هن ئي جاري ڪيو هو. هن ڪيس ۾ سندن وڪيل سر غلام حسين هدايت الله هو. سورهيه بادشاهه کي پهرين ڪراچي واري گهر ۾ نظربند رکڻ لاءِ آرڊر جاري ٿيو جيڪو هن دلير انسان ٿڏي تي انڪار ڪري مڃڻ کان يا نظربند ٿيڻ کان منع ڪري ڇڏيو پر بعد ۾ خيرپور رياست جي وزير مير اعجاز علي ٽالپر جي حڪم تي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس غلام رسول شاهه اهڙي حڪم کي عملي شڪل ۾ آندو. گرفتاري بعد شنيوئي، سي پي هندستان جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو.
انگريزن حُرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو، جتي جتي تحريڪ زوردار هلندڙ هئي پير جو ڳوٺ، خيرپور، سانگهڙ، کپرو، عمرڪوٽ، نارو ۽ سنجهورو خاص نشانو رهيا. ڄاڻايل علائقن مٿان جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي، اَڻ ڳڻيا ماڻهو مارجي ويا، ٻنيون سڙي ويون. انگريزن جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو تن کي سخت اذيتون ڏنيون ويون، ٽارچر ڪيو پر تنهن هوندي به حُرن جي جدوجهد جاري رهي. هيءَ جدوجهد جيڪڏهن سڄي سنڌ جو هر ماڻهو ڪري ها ته انگريزن کي ضرور مات اچي ها. حُرن سان گڏ هر طبقو ملي سورهيه بادشاهه کي پنهنجو اڳواڻ بڻائي تحريڪ کي پنهنجي ڌرتيءَ خاطر ويڙهه سمجهي وڙهي ها ته سنڌ جو مستقبل ڪجهه ٻيو هجي ها پر انهي وقت مخبرن ۽ جاسوسن جي عمل پنهنجي گهر کي پاڻ ساڙڻ جيان ڪم ڪيو. وڏا وڏا لقب ماڻڻ وارا سياستدان، وڏيرا ۽ زميندار انگريزن جي اشارن تي سنڌ خلاف سازشون ڪندا رهيا ۽ انگريزن جي هٿن ۾ استعمال ٿيندا رهيا. اهڙي حالت ڏسي صبغت الله راشدي سڄي هندستان جي عوام کي مخاطب ٿيندي پيغام ڏنو هو ته: ”ٻه يا ٽي لک انگريز ٽيهه ڪروڙ ماڻهن مٿان حڪومت ڪري رهيا آهن انهي ڪري جو هندستان جا ماڻهو بزدل آهن ۽ سنڌ به هندستان جو حصو آهي. انگريز به هندستان ۾ رهي ٿو جيڪو ناانصافيون ڪري رهيو آهي. هٿيار ڌارڻ مڙس جو ڪم آهي، هٿيار هوندو ته دل کي طاقت هوندي. ۳۰ ڪروڙ هندستانين مٿان حڪومت جو حق به هندستانين جو آهي گوري جو نه. انهيءَ ڪري گوري جي خلاف تحريڪ کي سگهارو ڪرڻ گهرجي.“
۱۹۴۱ع ۾ ڪيترن ئي حُرن کي ڦاهيون ڏنيون ويون، سرعام گوليون هنيون ويون، سورهيه بادشاهه جي پٽن شاهه مردان شاهه ۽ نادر علي شاهه کي انگريزن سزا طور پرڏيهه کڻي وڃي رکيو. برٽش گورنمينٽ جيڪي الزام صبغت الله راشديءَ مٿان مڙهيا هئا سي هيءُ هئا: ”برطانيا حڪومت سان بغاوت ڪرڻ، حڪومت سان جنگ ڪرڻ، جنگ لاءِ عوام کي همٿائڻ، رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪرڻ، حڪومت خلاف سازشون سٽڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ.“ عدالت ۾ ڪيس هليو ته شاهدن ۽ گواهن ۾ فقط سرڪاري ملازمن کي پيش ڪيو ويو، يڪطرفي ڪارروائي ڪئي وئي. هيءَ ڪارروائي هندستان ۾ رائج برٽش گورنمينٽ جي گورنر جنرل رچرڊسن هلائي.
۱۹۴۲ع ۾ حُر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ صبغت الله راشديءَ جو ڪيس به فوجي عدالت ۾ هلايو ويو هو. ۱۴ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ کيس حيدرآباد جيل آندو ويو. ساڳئي سال ۲۰ مارچ تي کيس سولي تي چاڙهيو ويو. ڦاهيءَ جي ڳالهه راز ۾ رکي وئي هئي ته جيئن ماڻهو ممڻ نه مچائي سگهن. شهادت وقت سندس عمر چوٽيهه ورهيه هئي.
سورهيه بادشاهه
وطن جي آزاديءَ جو املهه هيرو
ڊاڪٽر مدد علي قادري
سونهاري سنڌ ڪيترن ئي نامور عالمن، شاعرن، دانشورن ۽ مجاهدن کي جنم ڏنو آهي. راقم الحروف اڄ تاريخ ۲۰ مارچ تي سنڌ جي هڪ وڏي مجاهد پير سيد صبغت الله شاهه ثاني جي ورسيءَ جي نسبت سان نهايت اختصار سان چند ڪلمات ڀيٽا طور پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهي. اسان جو هيرو سيد صبغت الله شاهه، سنڌ جي مشهور راشدي خاندان جو چشم و چراغ هو. پير سيد محمد راشد کان وٺي، تقريباً ٽن صدين کان هند ۽ سنڌ ۾ اشاعت اسلام ۽ ڪلمئه حق کي ماڻهن جي دلين ۾ منور ڪرڻ لاءِ هڪ منظم طريقي سان خدمت ڪئي آهي. سڀئي تذڪره نگار ۽ مورخ لکن ٿا ته:
پير محمد راشد جي وفات کانپوءِ، جڏهن سندس فرزند پير صبغت الله شاهه اول رشد و هدايت جي مسند (گاديءَ) تي ويٺا، تڏهن هندستان جي اسلامي سلطنت جو چراغ گل ٿي رهيو هو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سکن ۽ انگريزن جون اکيون ڄميل هيون. حالات جي ناسازگاري سنڌ ۾ هند جي مسلمانن کي ايتريقدر بدحواس ۽ بي همٿ بڻائي ڇڏيو هو. سندن حوصلا پست ٿي ويا هئا. راشدي خاندان جي عظيم مجاهد پير صبغت الله شاهه اول پنهنجي ولوله انگريز تقريرن سان سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ سندن ڪيترا ئي مريد غيور سرفروش مجاهد بڻيا، جن کي حر جو لقب عطا ڪيائين.
مورخ قلمبند ڪن ٿا ته:
هند ۾ هڪ وڏي عالم، سيد احمد شهيد، انگريزن ۽ سکن جي خلاف جهاد جو جهنڊو، پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ جهاد جي سلسلي ۾ جاني ۽ مالي امداد لاءِ جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ته ڪيترا ئي سنڌي حر، هن مهم واسطي روانا ٿيا ۽ وڏا ڪارناما انجام ڏنا. تقريباً هڪ صديءَ کانپوءِ راشدي خاندان ۾ هڪ ٻيو عظيم مجاهد پير صبغت الله شاهه ثاني پير پاڳارو نمبر ۶ راشديه مسند تي ۱۹۲۱ع ۾ ويٺا. انگريز ۱۸۴۲ع ۾ پنهنجي مڪاري، حرفتن ۽ چالاڪين سان ميرن کي شڪست ڏئي، سنڌ تي قابض ٿي ويا هئا. ميرن هوش محمد شيدي سان گڏجي، انگريزن سان مقابلو ڪيو. خيرپور جي ميرن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. خيرپور، کين رياست طور ڏني وئي. اهڙيءَ طرح انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا. سنڌ جي ڪيترن مفاد پرستن تصور ڪيو هو ته اسان جو هيرو به مصلحت کان ڪم وٺي، انگريزن جي حمايت ڪندو پر انگريزن لاءِ سندس دل ۾ وڏي نفرت هئي. انگريز حڪمرانن اسان جي هيري کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا ۽ مٿس سکر ۾ ڪيس هليو. سندس خاندان مان ڪي فريادي ۽ ڪي شاهد بڻيا. اسان جي هيري جو وڪيل محمد علي جناح بڻيو هو. ليڪن جناح صاحب ڏٺو ته انگريز جج، اسان جي هيري کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري رهيو آهي ته هو وڪالت ڇڏي ويو. جج هن کي سزا ڏيئي، رتنا گري جي جيل اماڻيو. رتنا گري جو جيل هن لاءِ وڏي نعمت ثابت ٿيو. ان عرصي ۾ پنهنجي هم نام پير صبغت الله اول جي تقريرن جو مطالعو ڪري، انگريزن خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ انگريزن کيس آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ کانپوءِ، پنهنجي مريدن جي سينن ۾، پنهنجي ولوله انگيز تقريرن سان، روح ڦوڪيائين. انگريزن، مجاهدن تي سختيون شروع ڪيون ۽ سانگهڙ ضلعي جي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئمپون ٺاهيون ۽ اتي انهن جي هر روز حاضري جو حڪم ڪيو. پير صاحب پنهنجي حرن کي حڪم ڪيو ته اوهان غائب رهو. انگريزن اسان جي هيري کي چيو ته، حر اسان جي حوالي ڪريو. پير صاحب چيو ته اوهان کين خود ڳوليو. انگريزن پنهنجي چالاڪين سان اسان جي هيري کي نامعلوم هنڌ تي پهچايو ۽ اتي ئي کيس ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي ڦاهي ڏني. اهڙيءَ ريت اسان جو هيرو، وطن عزيز مٿان، پنهنجي جان نڇاور ڪري، امر ٿي ويو.
صبغت الله شاهه ثاني
پير سائين سورهيه بادشاهه - يوم شهادت جي مناسبت سان
پروفيسر سيد ڪليم الله شاهه راشدي
سنڌ جي سرزمين هميشه املهه شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي دور ۾ اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو ڪروڙين دلين ۾ سمائجي ويا. جيڪي اڄ اسان وٽ ته نه آهن پر هنن کي سنڌ اڄ به ياد ڪري ٿي ۽ صدين تائين ياد ڪندي رهندي. انهن املهه شخصيتن مان ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“ وارو نعرو ڏيندڙ شهيد سورهيه بادشاهه به هڪ آهي، جنهن سنڌ ڌرتيءَ لاءِ انگريز سامراج خلاف مهاڏو اٽڪايو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
ابن امام علي عليه السلام جن جي سلسلي نسب مان ۶ رمضان المبارڪ ۱۱۹۰ هجري ۾ حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليه جن جي ولادت باسعادت ٿي. سيدنا محمد راشد جي خاندان مان حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه اول ”ڪوٽ ڌڻي“ رحمت الله عليه ۲۲ ربيع الاول ۱۸۶۰ع ۾ موجوده درگاه شريف پير جو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. پنهنجي وڏي ڀاءُ حضرت پير سائين علي گوهر شاهه ثاني عرف ”معافي ڌڻي“ جي وفات کانپوءِ پنجين پاڳاري جي حيثيت سان ۲۷ جماد الثاني ۱۳۱۴ هجري ۱۸۹۶ع ۾ ۳۵ سالن جي عمر مبارڪ ۾ سندن جانشين ٿيا. پير سائين شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻي بادشاهه، وڏو عالم، وڏو مدبر ۽ عظيم سياسي بصيرت رکڻ وارو جوان هو. پير سائين ڪوٽ ڌڻي بادشاهه کي ٽي فرزند هيا، وڏو فرزند سيد حسين علي شاهه رح جن پهرين گھرواري مان هيا، جيڪي ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. ٻي گھرواريءَ مان پير سيد محمد صبغت الله شاهه ثاني (سورهيه بادشاهه) ۽ سيد راحم علي شاهه جنهن جو نالو مبارڪ محمد بقا شاهه به هو پيدا ٿيا. پير سائين ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جو سونهري ڪارنامو اهو هيو جو قرآن پاڪ جو تفسير ”تفسير ڪوثر“ شاهه مردان شاهه ٽن جلدن ۾ ڇپرائي مريدن ۾ تقسيم ڪيو، جيئن سندن عقيدا صحيح ٿين ۽ کين توحيد ۽ هدايتن جي واٽ سمجھ ۾ اچي.
پير سائين ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جو دور راشدي پاڳارن جي عروج جو دور هو. ائين کڻي چئجي ته جيئن عباسين جي دور ۾ هارون الرشيد عباسيءَ جو سونهري دور هو. اسپين جي اموي حڪمرانن ۽ عبدالرحمٰن الثالث جو دورِ حڪومت اسپين ۾ سندس سونهري دور هو، اهڙي طرح پير سائين شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻي بادشاهه جو دور راشدي خاندان جي پاڳارن جو سونهري دور هو، پر قدرت جو سڏ ٿيو، ڪوٽ ڌڻي بادشاهه ربيع الاول ۱۹۲۱ع ۾ رحلت فرمائي، سندن تدفين روضي مبارڪ ۾ آهي. ڪوٽ ڌڻي بادشاهه ۶۱ سالن جي عمر مبارڪ ۾ وفات ڪئي. سندن وفات کانپوءِ سندن فرزند ارجمند سيد محمد صبغت الله شاهه ثاني عرف سورهيه بادشاهه ڇهين پاڳاري جي حيثيت سان گادي نشين ٿيا. پير سائين سورهيه بادشاهه جن جي ولادت باسعادت ۱۳ صفر ۱۹۰۹ ۾ ٿي. پاڳاري ٿيڻ وقت سندن عمر مبارڪ ۱۲ سال هئي. پاڻ ابتدائي تعليم حافظ خدا بخش سومرو ۽ مولوي امام بخش مهيسر کان ورتي.
شهيد سورهيه بادشاهه جن کي فارسي زبان تي پورو عبور حاصل هو. شهيد سورهيه بادشاهه جي زندگي مبارڪ جو جڏهن جائزو وٺون ٿا ته چند ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، (۱) ۱۲ سالن جي عمر مبارڪ ۾ هيڏي وڏي مريدن جي جماعت سنڀالڻ، (۲) شهيد سورهيه بادشاهه ننڍي هوندي کان ئي آزاد طبع جو ماڻهو هو، (۳) شهيد سورهيه بادشاهه ۾ سنڌي قوم پرستيءَ جو جذبو به عروج تي هو، (۴) انگريز حڪومت جي ڪنٽرول ۾ رهي بادشاهي هلائڻ هن مجاهد لاءِ تمام ڏکيو هو، (۵) سورهيه بادشاهه ۾ ايڏو جلال هو جو ڪوبه ماڻهو هن پاڳاري سان اَکِ ملائي ڳالهائي نه سگھندو هو، (۶) انگريزن جي لباس ۽ انهن جي ثقافت جو وڏو مخالف هو، (۷) تمام بهادر، موت کان به نه ڊڄڻ وارو. مريدن ۾ سامراج جي خلاف حوصلو پيدا ڪرڻ وارو جوان هو ۽ بزدل ماڻهوءَ کان نفرت ڪندو رهيو. (۸) سورهيه بادشاهه عالمن ۽ مکن کان صلاح وٺندو هو پر هوُ طبيعت جي لحاظ کان انهن جو محتاج به نه هو، جو هر مسئلي ۾ انهن کان صلاح وٺڻ پنهنجي لاءِ ضروري سمجھي، (۹) وطن يا ڪفن آزادي يا موت هن جوان جو جذبو هو.
بهادريءَ جي ڪري ۱۹۳۰ع ۾ ظالم انگريز هن بهادر جوان کي رتناگري جا ڪوڙا ڪيس هلائي تقريبن اٺ سال جيل ۾ رکيو. آزاديءَ کان پوءِ هن جوان انگريزن جي خلاف بغاوت جي حڪمت عملي تيار ڪئي. سانگھڙ جو گڙنگ بنگلو سامراج جي خلاف مرڪز بڻجي ويو. حقيقت هيءَ آهي ته شهيد سورهيه بادشاهه جي بهادريءَ کي ڏسندي انگريز خوفزده ٿي ويا، اُنهن سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري بغاوت جو ڪيس هلايو، جنهن جو آخرڪار نتيجو اهو نڪتو جو ظالم انگريز هن مرد مجاهد کي حيدرآباد جي جيل ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ ۾ ڦاسي ڏني، پاڻ شهادت جو جام پيتائون. ڦاسيءَ کان پوءِ به لاش مائٽن حوالي نه ڪيو ويو.
سورهيه بادشاهه جو ڪردار وڏي مجاهد وارو هو. سندس چوڻ هو ته انگريزن سنڌ تي زوريءَ قبضو ڪيو آهي ۽ مسلمانن کي غلام بڻايو آهي. جيئن ته انگريز اسلام جا وڏا دشمن هيا، سنڌ جي آزاديءَ جا سخت مخالف هيا، جنهن ڪري شهيد سورهيه بادشاهه جن جي سوچ هئي ته انهن ظالمن کي تڙي ڪڍڻ ضروري آهي. شهيد سورهيه بادشاهه جي سوچ هئي ته سنڌ هڪ ملڪ آهي، ان جي ثقافت نرالي آهي. اهو ئي سبب هو جو سائين جي ايم سيد به شهيد سورهيه بادشاهه کان متاثر هو. منهنجي جائزي مطابق شهيد سورهيه بادشاهه جي زندگي مبارڪ هڪ عظيم هيري ۽ رهبر واري آهي.
سورهيه بادشاهه
سنڌ جو اتساهه ڏيندڙ ڪردار
امام راشدي
نوٽ: سنڌ سيدن جو محبوب ملڪ رهيو آهي ۽ سنڌ سان ھُنن ازلي محبت ڪئي آهي، تڏهن ته ھتي لڪياري، جيلاني، راشدي، بخاري، رضوي، ڪاظمي، نقوي، موسوي ۽ ٻيا اھلبيت گھراڻا ڪثرت سان آباد آهن، پر انهن مان راشدي سيد خاندان کي سڀني کان منفرد ۽ ممتاز حيثيت حاصل آهي، ڇو جو علم ۽ حڪمت ھِن خاندان جو ورثو رھيا آھن. موّرخِ سنڌ پير حسام الدين راشدي، راشدي سادات جو تعارف ھن طرح ڪرائي ٿو: “محمد بن قاسم جي معزوليءَ بعد سنڌ اندر جيڪا بدامني جي بلا دوباره پيدا ٿي، تنهن کي نهوڙي نوائڻ لاءِ دربارِ خلافت، سيد علي مڪي کي سامره جي سپاهين جو هڪ ڪٽڪ ساڻ ڏيئي، سنڌ ڏانهن موڪليو. ان مقدس جماعت ٻيهر اچي خدا ۽ رسول جي پرستش جي هتي پيڙهه پڪي ڪئي.
سنڌ اهڙي وڙئون ويل ڪانه هئي، جو پنهنجي محسن کي موٽائي ماڳ اماڻي، يعني علي عليه رحمته کي عرب اماڻڻ بدران، هميشه لاءِ هت رهايو ويو. هن صاحب سيوهڻ جي نزديڪ “لڪ آري” پهاڙ جي پهلوءَ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي.
راشديه خاندان، انهيڙ سيد جي سوڙي آهي. هو صاحب ۱۵ پيڙهيءَ ۾ سيد الشهداءِ حضرت امام حسين سان ملي ٿو، خاندان راشديه جو مورث اعليٰ حضرت پير سائين محمد بقا عليه رحمته وري ۲۰ پيڙهيءَ ۾ سيد علي مرحوم سان شر انتساب حاصل ڪري ٿو.
پير سائين محمد بقا کان وٺي سنڌ اندر مذهبي فيض ۽ برڪتن جو مهراڻ موجون مارڻ لڳو. سندس فرزند پير سائين محمد راشد رحمته الله عليه جي سر تي وري سوني تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ سندس ففيض جو اثر سنڌ کان وڌي، هنڌ جي گوشي گوشي ۾ پکڙجي ويو.
اهو ته قدرت جو ڪرشمو آهي، جو مذهبيات سان گڏ، عليءَ جي اولاد ۾ علمي ذوق ۽ شوق به هميشه موجود رهندو آيو آهي. “انا مدينته العام و علي بابها” واري حديث شريف سندن شان ۾ موجود آهي. مذهبي معاملي کي هڪ طرف رکي، جيڪڏهن انهيءَ گهراڻي جي علمي علامتن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ سلسلي جو هڪ هڪ داڻو علم جو در شهوار ٿيندو آيو آهي. سنڌ جي سرزمين تي، ٻي هڙي خاندان شاذ و نادر نظر ايندي، جنهن مذهبيات سان گڏوگڏ علم ادب جي به ايتري خدمت ڪئي هجي. علم ادب جي هر هڪ شعبي ۾ انهيءَ گهراڻي گوهر پيدا ڪيا.” (ص ۵۹۹ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون)
راشدي خاندان جي علمي ۽ اسلامي بصيرت ڏسڻ لاءِ هن خاندان جي جدِ امجد پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي هَستي اسان جي آڏو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ ريت ڌرتيءَ سان وفا، شجاعت، بهادري ۽ سورهيائي جي پرک لاءِ شهيد سورهيه بادشاهه جو ڪردار ڪافي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته راشدي خاندان جي علمي، ادبي، ديني، روحاني ۽ سياسي خدمتن جو غوغاءُ اڄ به هند-سنڌ سان گڏجي سڄي دنيا ۾ گونجندو رهي ٿو. تاريخون هن خاندان جي شاندار ۽ تاريخي جدوجهد سان ڀريون پيون آهن. پير سيد صِبغت الله شاهه المعروف شهيد سورهيه بادشاهه جي عملي جدوجهد وارو ڪردار هن خاندان جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. ڇو ته سورهيه بادشاهه ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻي، هڪ، مڪمل نظريو ڏنو ۽ انهيءَ نظريي تحت پير صاحب جي جدوجهد هڪ مثالي ۽ تاريخي جدوجهد بڻجي اڀري، جنهن سڄي سنڌ ۽ سموري برِ صغير جي ماڻهن کي متوجهه ڪيو ۽ دنيا ڏٺو ته هڪ مڪمل پيراڻي گادي ڪيئن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب بڻي. سورهيه بادشاهه جي هِن مثالي تحريڪ ۽ جدوجهد کي سمجهڻ لاءِ ”سانگهڙ“ ناول جو مطالعو ضرور ڪرڻو پوندو. ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته انگريزن جيئن ئي ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ فتح ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ جو علم کڙو ڪيو، تئين ئي سنڌ جي راشدي خاندان غير مسلم حڪمرانن جي حاڪميت کي رد ڪيو ۽ کلم کلا ان جي مخالفت ڪندو رهيو، انهيءَ جا ڪيترائي مثال تاريخ جي صفحن تي قلمبند ٿيل آهن.
۱۸۴۳ع کان شروع ٿيل مالفت جو تسلسل ۱۹۴۳ع ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو. پورو هڪ سئو سال انهيءَ جدوجهد انگريزن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته انگريزن کي پوري خطي مان فقط هن ئي گهراڻي جو خوف پريشان ڪري رکيو هو ۽ هِن ملڪ جي پاڪ سرزمين تي فرنگين جي پيرن کي مضبوط ڪرڻ نه ڏنائون. انگريز ۱۸۴۳ع کان وٺي ۱۹۴۷ع تائين هڪ سئو چار سال سنڌ ۾ سُک سان نه ويٺا، خاص ڪري ۱۹ کان ۱۹۴۳ع تائين انگريزن جو سنڌ ۾ سک ۽ سلامتي داءَ تي لڳل رهيو، ڇو ته هي عرصو پير صبغت الله شاهه جو انگريز مخالفت جو شدت ڀريو دؤر رهيو. انگريزن کي مٿي ۾ سور جيترو سورهيه بادشاهه جي جدوجهد وڌو ايترو پوري برِ صغير ۾ ڪنهن به تحريڪ نه وڌو هُين. انگريزن سورهيه بادشاهه جي انهيءَ عملي جدجهد کي هر طرح سان مات ڏيڻ ۽ ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا، پر اٽل ارادن آڏو هو پنهنجي مقصد ۾ ڪٿي به ڪامياب نه پئي ٿيا، نيٺ هُنن سورهيه بادشاهه تي بغاوت جا ڪوڙا ڪيس مڙهي، کيس صفئه هستيءَ تان مٽائڻ لاءِ عملي جدوجهد کي لڳي ويا، پر سورهيه بادشاهه کي قيد و بند جون صعوبتون ڏئي جدوجهد کي ٿڌو ڪندا رهيا، پر سنڌي قوم جي اٽل ۽ مضبوط ارادن آڏو سندن ڪا به تدبير ڪارگر ثابت نه ٿي سگهي، نيٺ سورهيه بادشاهه کي ڦاهي ڏئي لاش غائب ڪرڻ سان پنهنجي ۽ سنڌ جي آجپي جي تعبير ڏنائون، پر تاريخ گواهه آهي ته ۱۹۴۳ع ۾ پير صاحب کي ڦاسي ڏئي پنهنجي لاءِ ڌرتيءَ کي اڃا به وڌيڪ تنگ ٿيندو محسوس ڪيو ۽ ٺيڪ چئن سالن کانپوءِ انگريزن هن ملڪ کي ورهائي انگلستان هليا ويا ۽ ائين پير صاحب جي شروع ڪيل عظيم جدوجهد مڪمل ڪاميابيءَ سان تحريڪ پاڪستان جي روپ ۾ زور ورتو ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ملڪ ”پاڪستان“ وجود وٺي اڀريو.
پير صِبغت الله شاهه راشدي پنهنجي عملي ڪردار ۽ شاندار جدوجهد ۾ مڪمل سوڀارو ٿيو ۽ انگريز نيست و نابود ٿي ويا. تاريخ اڄ به سورهيه بادشاهه جي ڪارنامن تي فخر ڪري ٿي ۽ انهيءَ تاريخ کي ڪُچليندڙ ڳوليا ڪو نه ٿا لڀن. معلوم ٿيو ته تاريخ حق ۽ انصاف جي علمبردار آهي، ڪردار منفي هجي يا مثبت، تاريخ ان سان انصاف ضرور ڪري ٿي. تاريخ سورهيه بادشاهه سان انصاف ڪري کيس امرتا بخشي آهي، اڄ به سورهيه بادشاهه ملڪ ۽ قوم جو آئيڊيل ڪردار بڻيل آهي. سورهيه بادشاهه ”تنبيهه الغافلين“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ پير صاحب قلم انتهائي جلال سان هلايو آهي، جماعت کي سخت تنبيهه ڪئي وئي آهي.
پير صاحب وڏو جاه و جلال جو مالڪ هو ۽ خودي ۽ خودداريءَ جو صاحب هو. ننڍي هوندي کان وٺي کيس جرئت، همٿ، حوصلي، بيباڪي ۽ باغيانه سُتي پيل هئي. هونئن به سنڌ جي ڌرتي انسانيت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو درس ڏيندي رهي آهي. هيءَ تصوف جي سرزمين آهي. تصوف ۽ روحانيت جا صاحب هن ڌرتيءَ جا وارث رهيا آهن. دنيا کي انسانيت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو سبق ڏنو آهي، سنڌ جو فڪر ۽ فلسفو سنڌ انسان دوستيءَ وارو رهيو آهي، سورهيه بادشاهه پنهنجي لافاني ڪردار کي نه صرف خوب نڀايو پر خوب قدر پڻ ڪيو.
اڄوڪي مهراڻ اخبار ۾ شايع ٿيل مضمون
سورهيه بادشاهه ۽ سنڌ جو عوام
اسد ڏاهري
پاڳارا خاندان سنڌ جو عظيم ۽ محسن خاندان آهي هن خاندان هميشه اسلام، وطن ۽ قوم خاطر عظيم قربانيون ڏنيون آهن، هن خاندان جي ڇهين پڳدار امام انقلاب شهيد اعظم حضرت پيرسيد صبغت الله شاهه راشدي ثاني ”سورهيه بادشاهه“ وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي ان وقت جي انگريز سامراج سان گوريلا جنگ جوٽي، ٻارنهن سالن جي عمر گادي نشين ٿيڻ ۽ ڪافر ۽ ظالم انگريز خلاف جهاد جو اعلان ڪري حر مجاهد تيار ڪري انگريز سامراج جي حرڪتن ۽ ناپاڪ ارادن کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ بهادرانه ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ انگريز سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ پالتو ڇاڙتن جي معرفت شيطاني چالون هلڻ لڳو ليڪن پاڳارا خاندان جي سورهيه بادشاهه ۾ حسينيت سمايل هئي جهڪڻ بجاءِ آزادي سان جيئڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني، اهڙي هيبتناڪ ماحول ۾ انگريز ڪجهه زميندارن، جاگيردارن ۽ سرڪاري آفيسرن معرفت ڪوڙيون شاهديون وٺي سورهيه بادشاهه لاءِ سزا مقرر ڪئي، ۽ ۱۹۳۵ع ڌاري سورهيه بادشاهه کي رتنا گر جي جيل ۾ رکيو ويو ۽ ٻاهر حر پنهنجيون ڪاروايون ڪندا رهيا،
رتناگريءَ جي جيل ۾ سورهيه بادشاهه پيرسائين محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات شريف پڙهندا هئي ۽ پنهنجي نصيحتن جو مجموعو ”تنبيهه الفقراءُ“ پڻ تيار ڪيو، ان دوران پاڻ جيل مان حرجماعت جي خليفن ڏانهن سلام، پيغام موڪليندا هئا سورهيه بادشاهه کي ڪوڙن ڪيسن مان ۱۹۳۸ع ڌاري آزادي ملي ۽ پاڻ ڪلڪتي کان واپس پنهنجي وطن سنڌ پهتا، پيرجوڳوٺ وارن کان حال احوال وٺي جلد گڙنگ بنگلو سانگهڙ پهچي حرجماعت لاءِ ترڪيبي هدايتون ۽ نصيحتون جاري ڪيائون ۽ انگريز سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، چغل خورن اها ڳالهه انگريز کي ٻڌائي سورهيه بادشاهه کي ٻيهر ۱۹۴۳ع ڌاري گرفتار ڪرائي هزارين حرن کي لوڙهن ۾ بند ڪيو، هر ايراضي ۾ مارشل لا لاڳو ڪري حرن مٿان قهري ڪاروايون ڪيون ويون ليڪن حرن پنهنجي روحاني مرشد رهبر سورهيه بادشاهه جي آزادي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي سان وڙهندا رهيا ۽ انگريز حرجماعت خلاف غلط پروپيگنڊا ۽ افواهه پکيڙيندا رهيا انگريزجي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ جاگيردار پڏيرا وڏاوڏا لقب ۽ انعام حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اخبارون انگريز جي دهشت دٻائڻ لاءِ غلط خبرون شايع ڪري هيسائڻ ۾ پوريون هيون، ليڪن سنڌ جي پاڳارا خاندان جي هن بهادر هيرو سورهيه بادشاهه انگريز جي هٿ تي بيعت ڪرڻ کان شهادت کي قبول ڪري حرجماعت کي فرمايو ته فقيرو گهٻرايو نه ! اوهان مان جيڪي هوندا اهي رنگ ڏسندا،
نيٺ ظالم انگريز سورهيه بادشاهه جي لاءِ سزا جي تاريخ مقرر ڪئي، جنهن رات سورهيه بادشاهه کي ڦاسي اچي رهي هئي ان رات انگريز سوچيو ته اڄ وقت آهي پيرصاحب پنهنجي موت جي مدنظر ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هوندو ان ڪري اڄ پير صاحب کان آساني سان شطرنج راند جي بازي کٽي ويندس، ليڪن ان جي اميدن تي ان ڏينهن به پاڻي پئجي ويو جڏهن سورهيه بادشاهه انگريز ڪارگل کي ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان شڪست ڏني، هو اهڙي سڪون ۽ اٽل ارادي کي ڏسي حيران ٿي ويو، پيرسائين سورهيه بادشاهه ان کي جواب ڏنو ته اسان غلام بنجڻ لاءِ پيدا نه ٿيا آهيون پر غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ اسان جي زندگي جو مقصد آهي ظالم گوري جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هن جو منهن ڀت سان لڳو هن کي اها ڪهڙي خبر ته هي اها جرئت مند هستي آهي جنهن جي رڳن ۾ ڪربلا جي حسين جو رت ڊوڙي رهيو آهي جنهن ڏينهن سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪري رهيا هئا ان ڏينهن سورهيه بادشاهه جي آخري خواهش لاءِ ڪرسي تي ويهاريو ويو جڏهن لئمبرڪ سامهون آيو ته ڏٺائين سورهيه بادشاهه جهڙي تشبيهه رکندڙ نوراني هڪ سئو تصويرون ان جي اڳيان اچي ويون ۽ هو فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڪنهن کان پڇان ۽ نوراني چهري جو جلوو رکندڙ سورهيه بادشاهه جي خوف کان واپس هليو ويو، پير سائين سورهيه بادشاهه روحاني پيشوا هئا. الله سائين جي امر کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۱۸ مارچ ۱۹۴۳ع تي فريڊرڪ ينگ آيو ۽ سورهيه بادشاهه کي چيائين ته ۲۰ مارچ تي اوهان کي شهادت جو جام نوش فرمائڻو آهي ليڪن سورهيه بادشاهه جي چهري تي ڪوبه گهنج نه آيو بلڪه پاڻ مرڪي فرمايائون ته شهادت اسان جو تاج آهي اڳتي وڌي ان کي پائڻ عبادت آهي، اسلام وطن ۽ قوم جي آزادي جي انهي ويڙهه ۾ سورهيه بادشاهه کي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي انگريز سامراج سان وڙهندي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ جام شهادت نوش فرمايائون سورهيه بادشاهه کان پوءِ تقريبن ۵۰ حرن کي به شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ حر ايڪٽ پاس ڪري ۽ حرن خلاف ڪاغذي ڪاروايون ڪري انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي،
ان کانپوءِ سندس جسد خاڪي کان به انگريز خوفزدا ٿيڻ ڪري رات جي تاريخي اونداهي ۾ ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن نيو ويو، امام انقلاب سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ انگريز جي سلطنت کي چئن سالن جي به مهلت نه ملي ۽ انگريز جو اهڙو زوال اچي ويو جو لئمبرڪ جا پوئينر به ياد ڪندا، اڄ سورهيه بادشاهه جي شهادت کي ۷۶ سال گذري چڪا آهن سنڌ جا اديب دانشور اڄ به خاموش آهن، سورهيه بادشاهه جي شهادت تي سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ به خاموشي آهي جيڪا حر تحريڪ دوران هئي سورهيه بادشاهه جي عظيم قرباني جي ڏهاڙي ۲۰مارچ تي سنڌ اسيمبلي ۾ عام موڪل جو قرارداد پاس نٿي ڪئي وڃي سنڌ اندر سورهيه بادشاهه جي نالي ڪو تحقيقي ادارو يا يونيورسٽي قائم نه ڪري سگهيا آهيون، حر تحريڪ جي اڳواڻ امام انقلاب شهيد اعظم پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شخصيت ۽ حر تحريڪ تي عملي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، پاڳارا خاندان جي عظيم سورهيه سپوت سورهيه بادشاهه جي عظيم قرباني جو مثال ملڻ مشڪل آهي، سورهيه بادشاهه جي حريت پسندي جي جيڪا شمع ٻاري انهيءَ جي شعائن پاڳارا خاندان کي ويتر اهڙو ته بهادر ۽ دلير بنائي ڇڏيو جو اڄ اعليٰ حضرت پيرسائين پاڳارا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف حق ۽ سچ وارو ڪلمو چوندا پيا اچن، اسلام، وطن ۽ قوم خاطر جنگ وڙهندڙ پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون، اڄوڪي ڏهاڙي تي سيمينار ڪرائي سورهيه بادشاهه ۽ تحريڪ بابت نوجوان نسل کي آگاهه ڪرڻ گهرجي سورهيه بادشاهه جي قرباني جي ڪري هي وطن آزاد ٿيو ۽ سنڌ جي عوام کي انگريز ظالم جي ظلمن کان نجات ملي، سورهيه بادشاهه جي قرباني تي سنڌ جي سڄاڻ حلقن ايترو ڪم نه ڪيو آهي جيترو کين ڪرڻ گهرجي اچو عهد ڪريون ته اڄ کان سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ بابت جديد تحقيقي ڪري نوجوان نسل کي آگاهه ڪريون.



0 Comments