عمرڪوٽ ڪورونا پازيٽو مريض جا تفصیل
رات منهنجي ڊاڪٽر غلام مصطفي چانهيون سان ڳالھ ٿي، جنهن واضع ڪيو ته گذريل 8 اپريل تي مريض عبدالرحمان چانهيون جيڪو پنهنجي ڳوٺ ڪنڀار ڀاڏا وڃي رهيو هو جنهن جو رتنور روڊ تي ايڪسيڊنٽ ٿئي ٿو، سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ فرسٽ ايڊ کانپوء معلوم ٿيو ته عبدالرحمان جي ڪرنگهي هڏي ۽ پاسراٽيون به فريڪچر ٿيون آھن جنهن سبب هو ويهي به نه پئي سگهيو ۽ خبر پئي ته گڏ سندس ڀاء محمد قاسم جي ٻانهن به ڀڳي آھي۔ مريض جو ڀاء ڊاڪٽر غلام مصطفي کي ان معاملي بابت آگاھ ڪري چڪو هو، ڊاڪٽر خميس جو 9 تاريخ تي عمرڪوٽ پهچي مريض کي ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ وڃي داخل ڪرائي ٿو۔ جتي مريض کي HDU ٽراما سينٽر جو انتهائي اهم نگهداشت وارو وارڊ آھي اتي رکيو ويو۔ جتي مريض جا ايم آر آئي سي ٽي اسڪيننگ ۽ ٻيا ٽيسٽ ورتا وڃن ٿا۔ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفي ٻئي ڏينهن جمعي تي نڪري آيو، مريض اتي ئي داخل هو۔ ڇاڪاڻ ته مريض کان گڏ ڪو به اضافي ماڻھو ناهي ڇڏيو ويندو، ڀاء ھو جيڪو ٻاهر ئي وارڊ جي۔ مريض فقط ڊاڪٽرز ۽ نرسز جي جي نگراني ۾ ھو، انهي دوران خبر ٿي پوي ته HDU جي وارڊ مان ڪجهه ڊاڪٽرز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آھي۔ انهي ڪري پورو وارڊ حرڪت ۾ اچي ٿو وڃي۔ واضع رهي ته عبدالرحمان داخل ٿيو آھ 9 اپريل جي شام جو ۽ انهن ڊاڪٽرز جا سيمپلز يقينن اڳ ۾ ورتا ويا هوندا، 9 اپريل کان 13 اپريل تائين مريض ٽراما ڪراچي ۾ ھجي ٿو، 14 جي صبح جو وارڊن اچي مريض جا ڪپڙا ٿو گهري جيڪو چينج ڪري مريض کي موڪل ڏيڻ وارا هئا۔ پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو في الحال مريض کي بيڊ ريسٽ ڏني وڃي۔ پوء واپسي عمرڪوٽ ايندي هڪ ڀيرو وري به ڪوشش ڪن ٿا شايد ڪجه علاج ٿئي همراھ ويهڻ جهڙو ٿئي اهو سوچي اهي بون ڪيئر BONE CARE CENTER حيدرآباد جو رخ ڪن ٿا۔ 14 اپريل جي شام جو اهي حيدرآباد پهچن ٿا جتي اڳواٽ اطلاع موجب ڊاڪٽر غلام مصطفي بون ڪيئر ۾ ڊاڪٽر راجا رياض کي ايڊميشن بابت ڳالھائي چڪو هو۔ اتي به جتي مريض ھڪ رات لاء ھو، ٻئي ڏينهن حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آپريشن جو چون ٿا جنهن جو وارثن انڪار ڪيو ۽ پوء اتان 15 اپريل جي صبح جو عمرڪوٽ لاء روانا ٿين ٿا۔ 15 اپريل جي ڏينهن جو ڪو 12 بجه جي آس پاس اهي مريض سميت عمرڪوٽ پهچن ٿا۔ عين انهي ڪراچي ٽراما سينٽر جي ڊاڪٽر جي ڪال ڊاڪٽر غلام مصطفي کي اچي ٿي هو ثبوت طور مريض جي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا جو اسڪرين شاٽ موڪلي ٿو۔ ڊاڪٽر غ م ترت ئي مريض جي ڀاء کي انفارم ڪري ٿو سڀني سختي سان پري رهڻ جي هدايت ڪري ٿو۔ انهي دوران حيرانگي جي ڳالھه اها آهي ته ٽراما سينٽر جي انتظاميه داخل هجڻ کان ڊسچارج ٿيڻ اهو ٻڌايو ئي ڪونه ته عبدالرحمان جو ڪورورنا لاء ڪو سمپلز موڪليل آھن۔ ۽ نه حيدرآباد کان عمرڪوٽ پهچڻ تائين سواء ڪرنگهي واري تڪليف جي ڪا ٻي تڪليف ٿي هجي جو وارثن جو شڪ وڌي۔ سو خير عمرڪوٽ انتظاميه کي ڪراچي واري ڪال کانپوء سگهو ئي آگاھ ڪيو ويو جيڪا مڪمل ايفرٽس وٺي مريض کي حيدرآباد موڪلي ٿي۔ ۽ هوڏانهن ڊاڪٽر غ-م حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر راجا رياض کي به معذرتن آگاھ ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ NICVD مٺي ۾ ئي خود آئسوليٽ ڪري ڇڏيو پر ڊاڪٽر جمعي جو ئي واپس اچي ويو هو۔ ان هوندي به احتياطن هو پنهنجا سيمپلز اڄ ٽيسٽ لاء ڏيندو۔
هاڻي انهي پهچڻ واري ڏينهن تي مريض صرف مشڪل سان اڌ ڪلاڪ ماڻھن سان مليو هو۔ انهي جو سبب به لا علمي هو۔ جيڪر خبر هجي ها اول ته اهي ڪراچي ڪونه ڇڏن ها۔ ۽ ڪراچي کان عمرڪوٽ جو سڄو سفر ايمبولينسز ۾ ٿيو ڪوبه لاپرواهي ناهي ڪئي ويئي۔ ۽ انهي سفر دوران مريض کان گڏ جيڪي به هئا سي تصويرن ۾ نظر به اچن پيا ۽ اهي به آئسوليٽ آھن۔ ۽ تازو مليل معلومات مطابق DHO ٻين چئن ڄڻن کي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪرايو آھي جيڪي عيادت لاء ويا هئا۔;يقينن ڪوتاهيون ٿيون آھن ان ۾ مريض ۽ ساڻس وارثن جو ڪو به غلطي ناهي ڇو جو ٻڌايو ئي نه ويو هو ته ڪو سيمپلز ويا آھن۔
ڊاڪٽر غلام مصطفي چانهيون سيلف آئسوليشن مان هي تفصيل ڏنا۔ cp



0 Comments